درس، عليم فقير

درس، عليم فقير

عليم درس جي آخري آرامگاهه

عليم درس جي آخري آرامگاهه

درس عليم فقير

درس عليم فقير : سنڌ جي درويش وتائي فقير وانگر سچي ۽ کَري ڳالهه چئي ڏيندڙ توحيد پرست ۽ ارڏي ڪردار فقير عليم درس جو پورو نالو عبدالعليم ولد ٻُڍو درس هو. هي ضلعي سانگهڙ جي درس فقيرن مان هو. سندس جنم 1301هه/1884ع ڌاري جيسلمير رياست جي هڪ ڳوٺ ڌاڻاڻو ۾ ٿيو، جتان هن جو ڏاڏو پرچي درس ۽ ٻيا خاندان جا ڀاتي لڏي پلاڻي ضلعي سانگھڙ جي کپري تعلقي جي شهر هٿونگي ڀرسان دمن واري ڳوٺ ۾ رهيا، جتان ٻيهر لڏي پهرين ڳمهوري ۽ پوءِ عمرڪوٽ تعلقي ۾، ڍوري ناري لڳ صاڀي ۾ اچي رهيا. عليم درس مدرسي جو پڙهيل هو. سنڌي (عربي ۽ ديوناگري لپين ۾) لکي سگهندو هو. سندس مذهبي ڄاڻ، مجاهدي ۽ مجادلي کان متاثر ٿي. مولوي حاجي احمد ملاح کيس ’جيئري قرآن‘ جو لقب ڏنو هو. هو پنهنجن وڏن وانگر ڪنگري وارن پيرن جي مريدن مان هو. هن جا وڏا پير صبغت الله راشديءَ جي پڳداريءَ واري رسم ۾ خاص مريد طور شريڪ ٿيا هئا. سندس دمن واري ڳوٺ ۾ عورتن پاران هڪ پِير جي کٽ کي پوڄڻ ۽ ان کان باسون باسڻ واري بدعتي رسم سندس ذهن تبديل ڪري کيس مُهمجو موحد بڻائي ڇڏيو. شروع ۾ هن ڳوٺ ۽ تر جي عورتن کي سمجھايو ته: ”پوڄا جوڳو پاڻ ڌڻي، ٻيو پير نه پيغمبر.“ عورتن پاران باز نه اچڻ تي هڪ ڏينهن هُن انهيءَ بدعت (کٽ) کي ساڙي، رک ڪري ڇڏيو. 1947ع کان ٻه ٽي ڏهاڪا اڳ مولوي عبدالرحيم پڇمي ڏکڻ سنڌ جي ڪن ڏورانهن ڀاڱن ۾ اسلام جي تبليغ لاءِ آيو. جيئن ته ان وقت سنڌ جي ٿر، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ لاڙ وارن علائقن ۾ وهم وسوڙل ۽ پير پرست ماڻهن جي گهڻائي هئي، جن ۾ ڪيتريون بدعتون گهر ڪري ويون هيون. انهن غير اسلامي ڪڌين رسمن خلاف مولانا پڇميءَ جي تحريڪ ۽ کان جتي مولوي احمد ملاح، محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻيا متاثر ٿيا. اتي عليم درس، ان کان متاثر ٿي هڪ موحد مجاهد طور نڪري نروار ٿيو ۽ لوڪ بيتن وسيلي بدعتي ڪمن خلاف پرچار ڪرڻ لڳو. هن ڪن جڳهين تي مهم جوئي به ڪئي، جو درگاهن تان پڙ کڻي غريب ڳوٺاڻين عورتن ۽ نياڻين کي مٿي ڍڪڻ لاءِ پوتيون ۽ روا ڪري ورهايائين. ان ڏس ۾ هن ڪيتريون عجيب وارداتون ڪيون. مثال طور: هڪ ڀيري ڍوري ناري ۾ هڪ پير جي مريدن وٽ اچڻ جو ٻُڌي، ڳوٺ ڳوٺ وڃي اعلان ڪيائين ته، ”هڪ ڌاڙيل پيو اچي، پنهنجي مال ملڪيت ۽ خاص طرح لڄن جي حفاظت ڪريو.“ اهڙي اعلان تي مريد مٿس سخت ڏمرجي پيا. عليم درس جي ڳچ شاعري زماني جي دستبرد سبب ضايع ٿي وئي. سندس ڳالهيون وتائي فقير جي ڳالهين وانگر اڄ به سنڌ ۾ سگهڙ ماڻهن کان عام ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. مثال طور: جـيــئـرو کـائـــي، مـــئـــو مــچـــي، اها ڳالهه عليم جي، عقل ۾ نه اچي! پـٽ اسـان کـي پـيـر ڏنو، ڏني ڌيءُ خـدا. خــدا چـئـي هـڪـڙي، پـيــر ٻُـڌائـي ٻـي! پئسا ڏئي پير وتائون، ٿيا خلق منجهه خوار، ايـمــان اڳــي ويــو، پئـســا ويــا پــوءِ. گـڏهه ڪـن گـمـان، انـڌن ڇـڏيـو ايـمـان! انڌا گڏيا انڌن سان، ويئي واٽ هٿان. مُلن پيرن گڏجي، ڪئي ٺڳيءَ جي صلاح. پڳ ٻَڌائون پيريءَ جي ٺاهيائون ٺڳي. پير آندائون پرديسي، ساڻ گڏيائون زال. عليم درس جي بيتن واري شاعريءَ سندس زندگيءَ ۽ وفات کان پوءِ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، محمد اعظم قريشي ۽ ڪن ٻين دوستن لکي پاڻ وٽ رکي. ان کان سواءِ هن جا ڪيترائي واقعاتي بيت ۽ انهن جون نصيحت ڀريون پهاڪن جهڙيون سِٽون ڏکڻ سنڌ جي علائقن: سانگهڙ، ميرپورخاص، مٺي، بدين ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سگهڙ ۽ عام ماڻهو ڪچهرين ۾ ورجائيندا رهندا آهن. هو ايڏو کرو ماڻهو هو، جو سنڌ جي ڪيترن عربي النسل پيرن کي اصل سنڌ واسي: ڪهيري، رونجها، پنهور ۽ ٻين قبيلن مان قرار ڏيندو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي جا توحيد پرست ۽ سچو سيد سڏيندو هو ۽ لطيف جا بيت پنهنجي ڪچهرين ۾ سُر سان ڳائي ٻڌائيندو هو. هو مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ کي وڏو مجاهد ۽ شهيد مڃيندو هو. هن جي ويجهن دوستن ۾ مولوي احمد ملاح، محمد عثمان ڏيپلائي، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، ڪامريڊ روچيرام، محمد اعظم قريشي (ميرپورخاص ڪورٽ جو ريڊر) ۽ فقير رمضان مڱريو هئا. قريشي ۽ مڱريو هن کي ڪورٽن جي ڪيسن ۽ ماڻهن جي تشدد کان وس پُڄندي بچائيندا هئا. جڏهن هن تي ڪجهه ڪيس مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ جمال ابڙي جي جج هئڻ واري ايام ڪاريءَ ۾ ميرپورخاص جي ڪورٽن ۾ هليا، تڏهن هڪ ڀيرو جمال ابڙي کيس چيو ته، ”چاچا پنهنجا ڪي شاهد پيش ڪر، ته هن سنڌ جي مشهور بزرگن: قلندر شهباز، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ ٻين جا نالا ولديت سوڌو شاهد طور لکايا، تڏهن ڪورٽ جي ريڊر جج جو ڌيان ڇڪايو ته هن پوڙهي (عليم درس) ته اهلِ ممات جا نالا شاهد طور لکرايا آهن.“ ان تي عليم فقير هڪدم وراڻيو ته، ”اهل مماتي پير ماڻهن کي پٽ ڏين ٿا، باقي مون مسڪين جي ڪيس ۾ شاهدي ڏيڻ نه ايندا.“ عليم درس کي ٻه پٽ ٻڍو ۽ صالح هئا، جن جو اولاد عبدالله ۽ صديق حال حيات آهن. عليم فقير درس 85 ورهين ۾ 24 ربيع الاول 1387هه/ 2 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ صاڀي ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڍوري ناري جي فقير سيهڙ مڱريي جي نياڻيءَ ۽ مشهور بزرگ خاتون مائي صالحه عرف صالحان فقيرياڻيءَ جي مقام ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.07.02  عيسوي

عليم فقير درس 85 ورهين ۾ 24 ربيع الاول 1387هه/ 2 جولاءِ 1967ع تي ڳوٺ صاڀي ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه ڍوري ناري جي فقير سيهڙ مڱريي جي نياڻيءَ ۽ مشهور بزرگ خاتون مائي صالحه عرف صالحان فقيرياڻيءَ جي مقام ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد محمد تقي بخاري
شيخ عبدالحفيظ ڊاڪٽر
سيد محمد شاهه سعيد ٽکڙائي
شيخ موسيٰ سيوستاني
جوزف اسٽالن
راجيو گانڌي
جان ملٽن
پير پٺو
تاج محمد فقير
انور سيال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون